سنڌ ۾ باهه لڳڻ جا خوفناڪ واقعا، 82کان وڌيڪ گهر سڙي رک

ڪراچي: سنڌ ۾ باهه لڳڻ جا خوفناڪ واقعا، 82کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا، سنڌڙي ويجهو ڳوٺ لڇمڻ پيرواڻي ۾ سولر پليٽ مان لڳل باهه 50 پورهيتن جا گهر ساڙي رک ڪري ڇڏيا، پني عاقل ڀرسان ڪچي جَي علائقي حسين ٻيلي ۾ باهه لڳڻ سبب 30 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته چلهه مان چڻنگ اُٿڻ سبب باهه لڳي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي سڄي ڳوٺ کي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ ديندار ۾ باهه لڳڻ سبب 4 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا: روهڙي ويجهو ڳوٺ محمد مراد آريجو ۾ باهه لڳڻ سبب 5 گهر سڙي ويا، پير ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ ديندار ۾ چُلهه مان چڻنگ اُٿڻ سبب باهه لڳي وئي، 4 پورهيتن جا اجها سڙي رک ٿي ويا، ڪنب ويجهو ڳوٺ ڇتن شاهه بخاري ۾ باهه لڳڻ سبب غلام حسين، وزير علي ۽ گل حسن شيخ جا گهر سڙي ويا، دادو ۾ ڪچري جي ڍير کي لڳل باهه گرلس هاءِ اسڪول جي عمارت کي وڪوڙي ورتو، ڊيڊ اسٽاڪ روم جو سامان سڙي رک، جوهي لڳ ڳوٺ ڪبير پنهور ۾ باهه لڳڻ سبب 5 ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل سڙي رک، حيدرآباد ويجهو ڳوٺ توڪل ميرجت ۾ بجلي جون تارون ڪِرڻ سبب ڪڻڪ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي کي باهه لڳي وئي، 50مڻ کان وڌيڪ ڪڻڪ سڙي رک،گڊو ٿرمل پاور هائوس اسٽيشن جَي آڊٽ روم ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ اهم رڪارڊ ۽ قيمتي سامان سڙي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔