پاڪستان ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم جي اڄ کان شروعات

اسلام آباد: پاڪستان ۾ اڄ کان پنج ڏينهن جي پوليو کان بچاءُ واري مهم جي شروعات ٿي  وئي اهي.

ان مهم دوران پنج سالن تائين چار ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسين ڏني ويندي. ان حوالي سان صحت بابت وزيراعظم جي خاص صلاحڪار فيصل سلطان چيو آهي ته فرنٽ لائن ورڪرز گهر گهر وڃي مهم کي ڪامياب بنائيندا.

مهم ۾ 2 لک 85 هزار  فرنٽ لائن ورڪر حصو وٺي رهيا آحن. ڪورونا احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي مهم هلائي ويندي.

فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا وبا جي باوجود  صحت وارين سهوليتن جي فراهمي حڪومت جي اولين  ترجيح آهي.  سمورا پاڪستاني  قومي فرض سمجهندي مهم جي ڪاميابي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔