خانه ڪعبه ۽ مسجد نبوي ۾ اجتماعي افطاري ۽ اعتڪاف تي پابندي جو اعلان

حرمين شريفين لاءِ هلندڙ سال رمضان المبارڪ جي لاءِ ڪورونا وبا بابت ايس او پيز جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت هن سال به مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ اجتماعي افطاري ۽ اعتڪاف تي پابندي برقرار رهندي.
عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ مقدس مسجدن جي انتظامي سربراهه شيخ عبدالرحمان السديس ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي رمضان 1442 جي لاءِ ايس او پيز جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت مسجد الحرام ۾ مطاف عمري جو اجازت نامو رکندڙن لاءِ کليل هوندو پر مطاف ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت نه هوندي.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مطاف جي اڱڻ جو هڪ حصو عمري جي زائرين لاءِ خاص هوندو جڏهن ته مسجدالحرام ۾ 5 مصلا هوندا، اوڀر واري اڱڻ ۾ به نماز لاءِ صفون قائم ڪيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔