قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي زمبابوي دوري جو شيڊيول جاري

لاهور :قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي زمبابوي دوري جو شيڊيول جاري ٿي ويو.
پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۽ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون 21، 23 ۽ 25 اپريل تي ٿينديون، جنهن کانپوءِ پهرين ٽيسٽ 29 اپريل کان شروع ٿيندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ 7 اپريل کان شيڊيول آهي.
پاڪستان ۽ زمبابوي ۾ شيڊيول ان سيريز جون سموريون ميچون هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيون وينديون.
ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي ڏينهن ۾ پاڪستان دنيا جي اها پهرين ٽيم آهي، جيڪا زمبابوي جو دورو ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔