ايپل آءِ فون ۽ آءِ پيڊ واهپيدارن لاءِ سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪيليفورنيا: ناليواري آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل پنهنجي سمورن آءِ فونز ۽ آءِ پيڊز جي لاءِ سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ايپل انتظاميا موجب ڪپمني پنهنجي سمورن آءِ فونز ۽ آءِ پيڊ واهپيدارن لاءِ نئين اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن جي تحت سيڪيورٽي ۾ موجود خراب کي ختم ڪري سگهجي ٿو.
فوربز جي هڪ رپورٽ موجب ڪمپني متاثر واهپيدارن کي تجويز پيش ڪئي آهي ته هو ايپل ويب ڪٽ برائوزر انجڻ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ آءِ او ايس 14.4.2 جلد کان جلد ڊائون لوڊ ڪيو.
ايپل جو چوڻ آهي ته آءِ او ايس جي پراڻي ويزن ۾ موجود خرابي واهپيدارن کي نقصان رسائيندڙ ڪراس سائٽ اسڪرپٽ ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔