سموري ملڪ ۾ اڄ شب برات عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ اڄ شب برات انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. شب برات جي حوالي سان مسجدن، گهرن ۽ گهٽين کي سجايو ويو آهي.

ميلاد ۽ نعت خواني جون محفلون به سجايون وينديون. سمورا مسلمان  رب پاڪ آڏو عبادت ڪري پنهنجي گناهن جون معافيون گهرندا. شب برات تي وڏي انگ ۾ ماڻهو مقامن ڏانهن ويندا آهن ۽ پنهنجن پيارن جي قبرن تي گل چاڙهڻ سان گڏ سندن مغفرت جي لاءِ به دعائون گهرندا آهن پر  هن ڀيري ڪورونا وائرس سبب حڪومت هر قسم جي اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪري رکي آهي.

عالمن به عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي گهرن ۾ ئي نفل پڙهن. قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ ذڪر  ڪن ۽ نفلي روزه به رکن. ڪجهه مسجدن ۾ شب برات جي محدود اجتماعن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ڀلاري رات جو الله جا نيڪ ٻانها عبادت ۾ جاڳي گذاريندا ۽ ملڪ ۾ هلندڙ وبا جي خاتمي لاءِ دعائون به گهرندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔