3 مهينن دوران اسلامي بئنڪن جي ڊپازٽس ۾ 355 ارب رپين جي واڌ

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان گذريل سال آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين اسلامي بئنڪن جي ڊپازٽس جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب اسلامي بئنڪن جي ڊپازٽس ۾ آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين 355 ارب رپيا واڌ ٿي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو آهي ته اسلامي بئنڪن جا اثاثا آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين 12 سيڪڙو وڌي 4269 ارب رپيا ٿي ويا آهن.
رپورٽ موجب آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين 153 اسلامي بئنڪ برانچن ۾ واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ جي 124 ضلعن ۾ اسلامي بئنڪ شاخن جو انگ 3 هزار 456 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔