فيس بڪ هڪ ارب 3 ڪروڙ ڪوڙا اڪائونٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا

ڪيليفورنيا: سوشل ميڊيا سائٽ فيس بڪ 3 مهينن دوران هڪ ارب 3 ڪروڙ ڪوڙا اڪائونٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا.
تازو ئي هڪ بلاگ پوسٽ ۾ فيس بڪ ٻڌايو ته انتظاميا گذريل سال آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين هڪ ارب 3 ڪروڙ ڪوڙا اڪائونٽ ڊيليٽ ڪيا آهن جنهن جي ذريعي لڳ ڀڳ 35 هزار ماڻهو گمراهه ڪندڙ ڄاڻ پکيڙي رهيا هئا.
فيس بڪ موجب ڪمپني ڪورونا ۽ ويڪسين بابت هڪ ڪروڙ 20 لک مواد به ڊيليٽ ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔