دبئي جو نائب حڪمران شيخ حمدان بن راشد لاڏاڻو ڪري ويو

دبئي: دبئي جو نائب حڪمران ۽ گڏيل عرب امارتن جو ناڻي وارو وزير شيخ حمدان بن راشد ال مڪتوم 75 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
هو دبئي جي حڪمران، گڏيل عرب امارتن جي وزيراعظم ۽ نائب صدر محمد بن راشد جو ڀاءُ هو.
شيخ حمدان بن راشد ال مڪتوم تقريبن اڌ صديءَ تائين گڏيل عرب امارتن جي ناڻي واري وزير جي عهدي تي رهيو ۽ هن دبئي کي دنيا جي وڏي ڪاروباري مرڪز ۽ اقتصادي مرڪزن مان هڪ ٺاهڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.
حمدان بن راشد ال مڪتوم جي لاڏاڻي تي دبئي ۾ 10 ڏينهن سرڪاري سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔