ڇا فائيو جي انساني صحت جي لاءِ خطرناڪ آهي: اهم ترين تحقيق

نيويارڪ: ڪورونا وائرس جي وبا دوران اهي افواهون هلي رهيون هيون ته 5 جي جا ريڊيو سگنلز ڪورونا وائرس پکيڙڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن.جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن 5 جي ٽاور تي به حملو ڪيو پر هاڻ ماهرين ان حوالي سان اهم تحقيق پيش ڪري ڇڏي آهي. عالمي ميڊيا موجب آسٽريلين ريڊي ايشن پروٽيڪشن اينڊ نيوڪليئر سيفٽي ايجنسي(اي آر پي اي اين ايس اي) سوائن برني يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي سان ملي 5 جي ريڊيو لهرن جي حوالي سان ٿيندڙ 138 تحقيقي رپورٽن جو تجزيو ڪيو ويو. ان ٽيم تحفظ جي حوالي سان ٿيندڙ وڌيڪ 107 جاچ رپورٽن جو به تجزيه ڪيو. ٻنهي تجزين ۾ ڏٺو ويو ته 5 جي ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ ريڊيو لهرن جو خليات تي ڪهڙو اثر پوندو آهي.ماهرن دريافت ڪيو ته 5 جي لهرن مان صحت يا خليات تي ڪوبه مضر اثر نه پوندو آهي. اي آر پي اي اين ايس اي جي اسستنٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪين ڪرپينڊس ٻڌايو ته هڪ تجزيي جي نتيجن ۾ اهڙيون ڪي به شاهديون ناهن ملي سگهيون جن مان اهو اشارو ملندو هجي ته گهٽ سطح جي ريڊيائي لهرن جيئن 5 جي نيٽ ورڪ ۾ استعمال ٿينديون آهن اهي انساني صحت جي لاءِ نقصان ڏيندڙ نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته جن جاچ رپورٽس ۾ حياتياتي اثرن کي رپورٽ ڪيو ويو انهن ۾ ڪيترين ئي لهرن جي اثرن کي جانچڻ جي غير معياري طريقيڪار کي استعمال ڪيو ويو.ماهرن جو چوڻ آهي ته 5 جي اثرات جي مانيٽرنگ جي لاءِ ڊگهي جاچ تي ڪم ٿيڻ گهرجي جنهن جي لاءِ سمورين سائنسي اڳڀرائين کي استعمال ڪيو وڃي. پر اڃان تائين اهڙيون ڪي به شاهديون سامهون ناهن آيون جيڪا 5 جي سان جڙيل دعوائن جي حمايت ڪندي هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔