عبدالقادر کي فوت ٿيڻ بعد ستاره امتياز سان نوازيو ويو

لاهور: اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ جادوگر ليگ اسپنر عبدالقادر کي فوت ٿيڻ بعد ستاره امتياز سان نوازيو ويو.
گونر هائوس لاهور ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ عبدالقادر مرحوم جي زال گورنر چوڌري محمد سرور کان ايوارڊ وصول ڪيو، عدالقادر 63 ورهين جي ڄمار ۾ 6 سيپٽمبر 2019 تي لاهور ۾ دل بيهي وڃڻ ڪري فوت ٿي ويو هو، سندس خدمتن جي اعتراف ۾ گذريل سال صدر مملڪت عارف علوي پاران ستاره امتياز جو اعلان ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔