آمريڪا جي سپر مارڪيٽ ۾ هٿياربند شخص جي فائرنگ، ڏهه ڄڻا مارجي ويا

بولڊر: آمريڪي رياست ڪولورڊو جي شهر بوڊر جي هڪ سپر اسٽور ۾ فائرنگ سبب 10 ڄڻا مارجي ويا جنهن م هڪ پوليس آفيسر به شامل آهي.
پوليس موجب هڪ هٿياربند ڪنگزسپر مارڪيٽ ۾ داخل ٿي اندر موجود گراهڪن مٿان گوليون وسائڻ شروع ڪيون، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ وچولي عمر جي حملوڪندڙ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.
مارڪيٽ ۾ ماڻهن ان واقعي کي يوٽيوب تي سڌيءَ ريت نشر ڪري ڇڏيو پر پوءِ يوٽيوب ان وڊيو کي ڏسڻ لاءِ 18 سالن جو شرط رکي ڇڏيو، پوليس ان واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔