23 مارچ، پاڪستان جي قيام لاءِ ٺهراءُ منظور ڪرڻ جو تاريخي ڏهاڙو

پاڪستان جو ڏهاڙو 23 مارچ، نه رڳو پاڪستان پر سڄي اسلامي دنيا جي تاريخ ۾ خاص اهميت رکندڙ آهي، هن ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن هڪ نظريي جي بنياد تي ڌار ملڪ جي قيام لاءِ تاريخي ٺهراءُ منظور ڪندي پنهنجي هلچل جي شروعات ڪئي ۽ صرف ستن سالن جي عرصي ۾ بي مثال تحريڪ ۽ اڻ ڳڻين قربانين جي نتيجي ۾ پنهنجو پيارو ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو.

23 مارچ 1940 ع تي لاهور جي منٽو پارڪ ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ۽ 23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان جو پهريون آئين منظور ٿيو. 23 مارچ جي تاريخ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي هر سال ان ڏينهن تي پاڪستان جو ڏهاڙو سرڪاري طور تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

هي سرڪاري ڏينهن ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ هر سال سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطح تي تقريبون ڪوٺايون وينديون آهن .

23 مارچ 1940 تي قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ منظور ڪيل پاڪستان جي ٺهراءَ پاڪستان جي هلچل ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو هوجنهن سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ هڪ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿيو هو.

23 مارچ 1940 واري ٺهراءَ جي تياري ۾ ان ڳالهه کي خاص ڪري ڌيان جو مرڪز بڻايو ويو هو ته ٺهراءَ ۾ڪٿي به ڪائي گهٽتائي يا خامي نه رهجي وڃي جنهن جو فائدو دشمن کڻن ، ان مقصد لاءِ ڪيترن ئي دانشورن ،عالمن ۽ قانوني ماهرن کي ٺهراءَ جي متن جي تياري ۾ شامل ڪيو ويو هو .

قائداعظم محمد علي جناح جي سياسي بصيرت جي ڪري ٺهراءَ جي تياري کان وٺي سڀئي معاملا خيرخوبي سان طئي ٿي ويا .
آل انڊيا مسلم ليگ جي عام مجلس 22، 23 ۽ 24 مارچ 1940 تي آل انڊيا مسلم ليگ جوساليانو اجلاس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ تاريخي حيثيت رکندڙ لاهور جو ٺهراءُ پيش ٿيڻو هئو جيڪو بعد ۾ وڃي پاڪستان جي ٺهراءُ جي نالي سان مشهور ٿيو .
21 مارچ 1940 تي قائداعظم محمد علي جناح فرنٽيئر ميل وسيلي لاهور ريلوي اسٽيشن پهتو جتي هن گڏ ٿيل ميڙ کي تاريخي خطاب ڪيو ۽ سندس ڪيل ان تقرير موجود ماڻهن کي گرمائي ڇڏيو.

قائداعظم هندن ۽ مسلمانن جي الڳ الڳ قوميتي وجود کي حقيقي فطرت قرار ڏيندي چيو هو ته ” هندن جي سمجهه ۾ ڇو نه ٿو اچي ته اسلام ۽ هندو ازم مذهب جا عام مفهوم ئي ناهن پر اهي واقعي ٻه الڳ ۽ مختلف اجتماعي نظام آهن ۽ اهو رڳو هڪ خواب ئي آهي ته هندو ۽ مسلمان ڪڏهن هڪ گڏيل قوم بڻجي سگهندا .

آخرڪار اهو وقت اچي پهتو جو بنگال جي وزيراعظم مولوي اي ڪي فضل الحق تاريخي ٺهراءُ پيش ڪرڻ کانپوءِ ان جي حمايت ۾ تقرير به ڪئي ، جنهن ۾ هن بنگال اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير جو حوالو به ڏنو ۽ اهو ثابت ڪيو ته توحيد جي فرزندن جي آزادي جي رڳو بس هڪ اهائي صورت آهي،چوڌري خليق الزمان ان ٺهراءَ جي تائيد ڪئي ، سندس تائيد کانپوءِ مولانا ظفر علي خان ،سرحد اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سردار اورنگزيب خان ۽ سر عبدالله هارون به تقريرون ڪيون .

ننڍي کنڊ جي مسلمان قيادت ان پليٽ فارم تان قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت تي اعتماد ظاهر ڪندي نئين عزم ۽ جذبي سان آزادي جو سفر شروع ڪرڻ جو وچن ڪيو .
ٺهراءَ کان اڳ ۽ منظوري کانپوءِ مسلمان هڪ نئين عزم ۽ حوصلي سان هڪ روشن صبح ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪرڻ وڃي رهيا هئا جنهن جي سربراهي تاريخ جو عظيم ترين ليڊر قائداعظم محمد علي جناح ڪري رهيو هو .
هي قائداعظم محمد علي جناح جي سياسي بصيرت ۽ حالتن کي ڏسندي بهترين حڪمت عملي ۽ رب پاڪ جو فضل ۽ ڪرم هو جنهن مسلمانن لاءِ هڪ ئي وقت هڪ آزاد ، خودمختيار پاڪستان جهڙو ملڪ قائم ڪرڻ ۾ حقيقي ڪردار ادا ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔