ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز جي ڪري سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: ڪورونا جا وڌندڙ ڪيسز جي ڪري نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) وفاقي گادي واري شهر سوڌو سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اين سي او سي جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪورونا جي ڪري لڳايل پابندين ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي،اسد عمر جو چوڻ هو ته ڪورونا جا وڌندڙ ڪيسز جي ڪري مختلف سرگرمين تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو آهي ته اسلام آباد ۽ صوبائي انتظآميه کي ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي ته ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔