هڪ هفتي دوران ٽماٽا، پٽاٽا ۽ گيهه وڌيڪ مهانگو

اسلام آباد: شماريات واري اداري مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب 22 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي جڏهن ته 9 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.
شماريات واري اداري موجب مهانگائي جي شرح ۾ 0.19 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي جنهن کان پوءِ مهانگائي جي شرح 13.21 سيڪڙو تي اچي وئي.
انگن اکرن موجب هڪ هفتي ۾ 22 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، 9 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي جڏهن ته 20 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.
اداري موجب هڪ هفتي دوران ٽماٽا 7 رپيا 72 پيسا في ڪلو مهانگا ٿيا جڏهن ته گيهه هڪ رپيو 63 پيسا في ڪلو مهانگو ٿيو.
اهڙي ريت ماش جي دال هڪ رپيو 86 پيسا، کنڊ 7 پيسا، ڪيلا 2 رپيا 38 پيسا ۽ آنا 2 رپيا 13 پيسا في درجن مهانگا ٿيا.
اداري جي انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هفتيوار بنيادن تي پٽاٽا 46 پيسا في ڪلو مهانگا ٿيا، ان کان سواءِ اٽو، ڏهي، ٻاڪري گوشت ۽ ڳائي گوشت جي اگهن ۾ به واڌ ٿي.
هڪ هفتي ۾ ڪڪڙ جو گوشت 16 رپيا 95 پيسا في ڪلو سستو ٿيو جڏهن ته ادرڪ 8 رپيا 49 پيسا، بصر هڪ رپيو 37 پيسا، ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 9 رپيا 59 پيسا سستو ٿيو. ان کان سواءِ هڪ هفتي دوران مسور جي دال، مڱن جي دال، تازو کير ۽ چڻن جي دال جا اگهه به گهٽ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔