يوٽيليٽي اسٽورز تي کنڊ جي کوٽ جو امڪان وڌي ويو

اسلام آباد: يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ جو اسٽاڪ صرف هڪ هفتي جو رهجي ويو آهي، تنهن ڪري کنڊ جي کوٽ جو امڪان وڌي ويو آهي.
ذريعن موجب يوٽيليٽي اسٽورز مقامي شوگرملز کان 38 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ ٽينڊرز ٻه ڏينهن پهريان کوليو ويو ۽ کنڊ جي گهٽ ۾ گهٽ ٻولي 94 روپيا 50 پيسن ۾ لڳي، جڏهن ته کنڊ لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ پيڪنگ جا خرچ الڳ هوندا.
يوٽيليٽي اسٽورز عملدارن موجب مقامي شوگرملز سان کنڊ جو فيصلو هنگامي بنيادن تي ڪيو ويو آهي، وڌيڪ 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ مقامي شوگرملز کان خريد ڪرڻ جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي، وقت سر کنڊ خريد نه ڪئي وئي ته رمضان ۾ يوٽيليٽي اسٽورز تي کنڊ مشڪل بڻجي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔