اداڪاره مٿيرا جو وزيراعظم عمران خان کي مشورو

ڪراچي: پاڪستاني تڪراري ميزبان ۽ وي جي مٿيرا وزيراعظم عمران خان کي مشورو ڏنو.
مٿيرا هڪ آن لائن شو ٽو بي آنيسٽ 2.0 ۾ شريڪ ٿي جتي ميزبان کيس موجوده وزيراعظم عمران خان کي هڪ مشورو ڏيڻ لاءِ چيو جنهن تي مٿيرا خان صاحب کي مشورو ڏيندي چيو ته ”خان صاحب گهٻرايو“ اسان ته گهٻرائي رهيا آهيون، توهان به گهٻرايو.
مٿيرا پاڪستان جي سياست تي ڳالهائيندي چيو ته مونکي لڳي ٿوپاڪستان ۾ مشرف جو دور ۽ ان کانپوءِ آصف زرداري جو دور سٺو هو، پنهنجي پسنديده سياستدان جي باري ۾ ٻڌائيندي مٿيرا چيو ته مونکي بلاول ڀٽو پسند آهي، هو هڪ سٺو ليڊر ٿي سگهي ٿو، هن جو وقت اچڻ وارو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔