اتر کنڊ جي وڏي وزير پاران عورتن بابت تڪراري بيان تي اميتاب جي ڏوهٽي چڙي پئي

ممبئي: اميتاب جي ڏوهٽي نويا نويلي نندا عورتن جي جينز پائڻ بابت اتر کنڊ جي وزيراعليٰ پاران تڪراري بيان تي چڙي پئي.
ڀارتي ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن جي ڏوهٽي نويا نويلي نندا سوشل ميڊيا تي ڪافي فعال آهي تنهن ڪري ڪهڙي به شيءِ جيڪا هن کي خراب لڳي ٿي، فورن سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندي جواب ڏئي ڇڏي ٿي، ڪجهه ڏينهن اڳ به نويا جي والده کي ڪم نه ڪرڻ جو طعنو ڏيندڙ کي جواب ڏنو هو پر هاڻ اتر کنڊ جي وزيراعليٰ جي بيان اداڪار جي ڏهٽي کي باهه ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر کنڊ جي وزيراعليٰ تيراٺ سنگهه راوت عورتن بابت تڪراري بيان ڏيندي چيو هو ته عورتن پاران ڦاٽل جينز پائڻ سماجي تباهي آهي ۽ اهو ڪو چڱو مثال ناهي.
جتي اها ڳالهه ٻين کي خراب لڳي اتي نويا به تپي باهه ٿي وئي ۽ چيو ته اسان جا ڪپڙا تبديل ڪرڻ بجاءِ پهريان پنهنجو ذهن تبديل ڪيو، نويا انسٽاگرام تي جينز پاتل تصوير رکي ۽ چيو ته آئون ته ڦاٽل جينز پائينديس ۽ فخر سان پائينديس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔