فيس بڪ ڪورونا ويڪسين پوسٽس تي ليبل جو اضافو ڪري ڇڏيو

لنڊن: فيس بڪ سمورن ڪورونا 19 ويڪسين پوسٽس تي لبل جي اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ليبلز سان صارفين کي ڪورونا 19 بابت آفيشل تفصيلن تائين پهچ ملي سگهندي.فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي نئين تبديلي سان ڪورونا 19 ۽ ويڪسينيٽر جي حوالي سان گمراهه ڪندڙ تفصيلن جي پکيڙ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. انتظاميه موجب ان ليبلز ۾ ڪورونا 19 جي محفوط ٿيندڙ بابت تفصيل صحت واري عالمي اداري طرفان فراهم ڪيا ويا آهن. ڪورونا 19 انفارميشن ليبل کي سڄي دنيا ۾ انگلش، اسپينش، انڊونيشين، عربي ۽ فرينچ زبان ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.جڏهن ته وڌيڪ زبانن کي به ايندڙ هفتن ۾ ان جو حصو بنايو ويندو. دنيا کي هڪ ٻئي سان جوڙڻ کان پوءِ فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ هڪ اهڙي ڊيوائس تيار ڪرڻ جو خواهشمند آهي جنهن جي مدد سان اوهان پاڻ کي دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ڪجهه سيڪنڊن ۾ پهچائي سگهو. فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ جو ان حوالي سان اهو مڃڻ آهي ته مستقبل ۾ اسمارٽ گلاسز پري وارن هنڌن تي آباد دوستن ۽ مائٽن سان اوهان جي رابطن جي انداز کي مڪمل طور تي بدلائي ڇڏيندا.ڪنهن کي ڪال يا وڊيو چيٽ جي بجاءِ ان گلاسز کي وڌيڪ بهتر طريقن سان استعمال ڪري سگهبو. فيس بڪ جي باني جو چوڻ هو ته اوهان پنهنجو پاڻ کي ٽيلي پورٽ ڪري سگهندو ۽ دنيا جي هڪ کان ٻئي حصي ۾ پهچي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔