ڪرسٽيانو رونالڊو ليجنڊ فٽبالر پيلي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

روم : پرتگال سان واسطو رکندڙ جڳ مشهور فٽبال اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو اٽالين فٽبال ليگ ۾ شاندار هيٽ ٽرڪ ڪري برازيلي ليجنڊ فٽبالر پيلي جو 767 گولن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
اٽالين فٽبال ليگ ۾ يووانٽس رونالڊو جي شاندار ڪارڪردگي عيوض ڪيگليري کي هڪ جي ڀيٽ ۾ 3 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ميچ ۾ رونالڊو هيٽ ٽرڪ ڪندي آفيشل ميچن ۾ گولن جو انگ 770 ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پيلي 767 گول ڪيا هئا.
برازيلي ليجنڊ پيلي پنهنجو رڪارڊ ٽوڙڻ تي ڪرسٽيانو رونالڊو کي زبردست لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔