ميشا شفيع 3 سال سزا ملڻ جون ڀارتي خبرون رد ڪري ڇڏيون

ڪراچي : گلوڪارا ميشا شفيع 3 سال قيد جي سزا جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا جون خبرون رد ڪري ڇڏيون.
ميشا شفيع طرفان علي ظفر تي جنسي هراسان ڪرڻ جي الزامن کانپوءِ گلوڪار ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ داخل ڪرائي هئي پر اهو ڪيس اڃا تائين ڪنهن انجام تي ناهي پهچي سگهيو.
ان معاملي تي تازو ڀارتي ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي وئي ته گلوڪارا ميشا شفيع کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
ميشا شفيع پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ ذريعي اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔