ڪورونا وبا سبب قومي باڪسنگ چيمپئن شپ ملتوي

لاهور: ڪرونا وائرس جا ڪيس وڌڻ ڪري قومي باڪسنگ چيمپئن شپ ملتوي ڪئي وئي آهي.
سيڪريٽري باڪسنگ فيڊريشن ناصر ٽنگ موجب مردن ۽ عورتن جي هيءَ چيمپئن شپ اپريل جي پهرئين هفتي ۾ لاهور ۾ ٿيڻي هئي، ايونٽ نه ڪرائڻ جو فيصلوپنجاب حڪومت جي نئين ڪووڊ پابندين تي ڪيو ويو.
سيڪريٽري فيڊريشن موجب ڪووڊ صورتحال ۾ بهتري کانپوءِ چيمپئن شپ جي نئين تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو، ايونٽ ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان سمورا باڪسر ۽ فيڊريشن سان تعلق رکندڙ ايونٽس کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ٻين نيشنل چيمپئن شپ آهي جيڪا ڪووڊ جي ڪري ملتوي ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ نيشنل ڪراٽي چيمپئن شپ به ملتوي ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔