اليڪشن ڪميشن وزيراعظم جي خلاف پيپلز پارٽي جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ چونڊن کان اڳ وزيراعظم عمران خان طرفان اسيمبلي ميمبرن کي فنڊز جاري ڪرڻ خلاف پيپلز پارٽي جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ سينيٽ چونڊن کان اڳ عورت اسيمبلي  ميمبرن کي فنڊز جاري ڪرڻ تي وزيراعظم جي خلاف پيپلز پارٽي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اليڪشن ڪميشن ميمبر ڪي پي ارشاد قيصر جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي. درخواست ڏيندڙ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ سيد نير حسين بخاري اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. نير حسين بخاري چيو ته سينيٽ چونڊن کان اڳ اسيمبلي ميمبرن کي فنڊز جي صورت ۾ رشوت ڏني وئي ۽ ضابطه اخلاف جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.

وزيراعظم پاران ميمبرن کي فنڊ ڏيڻ جو اعلان رشوت ڏيڻ جي زمري ۾ اچي ٿو. هن آرٽيڪل 181 جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن تي کيس سزا ڏئي سگهجي ٿي. وزيراعظم طرفان قائدن قانونن جي ڀڃڪڙي اليڪشن ڪميشن جي توهين جي برابر آهي. جنهن تي اليڪشن ڪميشن 3 سال سزا ۽ هڪ لک روپين تائين ڏنڊ لاڳو ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم جي اعلان تي اليڪشن ڪميشن پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار رکي ٿو. ان تي ميمبر ڪي پي ڪي ارشاد قيصر چيوته ضابطه اخلاق ۾ وزيراعظم طرفان فنڊز جاري ڪرڻ جو ڪوبه ذڪر ناهي ۽ اهڙي طرح جو مرتضيٰ جاويد جو ڪيس به فڪسڊ آهي.

ان تي نيئر بخاري پنهنجي موقف ۾ چيو ته وزيراعظم سينيٽ چونڊن جي دوران ميمبرن کي فنڊز ڏئي ڪرپٽ پريڪٽس ڪئي. هن هر ميمبر کي  50 ڪروڙ روپين جا فنڊز ڏيڻ جو يقين ڏياريو هو جڏهن اليڪشن شيڊول جو اعلان ٿي وڃي ته ڪنهن ڊوالپمينٽ اسڪيم جو اعلان نٿو ڪري سگهجي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن بلوچستان جي ميمبر چيو ته ضابطه اخلاق ۾ صرف صدر ۽ گورنر جو ذڪر آهي وزيراعظم جو ان ۾ ذڪر نه آهي. 

جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن نيئر حسين بخاري جي درخواست ٻڌڻي نه جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. واضح رهي ته پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن کان اڳ عورت اسيمبلي ميمبرن کي فنڊز ڏيڻ جي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔