گوهر خان تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد اداڪاره جي ٽيم پاران وضاحت

ممبئي: گذريل ڏينهن ڀارتي اداڪاره گوهر خان خلاف قرنطينه ٽوڙن تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ هاڻ اداڪاره جي ٽيم پاران وضاحت ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته گوهر خان ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ باوجود قرنطينه ۾ رهڻ بجاءِ فلم جي شوٽنگ تي وئي هئي ۽ ان جي ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
هاڻ گوهر خان جي ٽيم پاران ان معاملي جي وضاحت ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گوهر خان جي ٽيست منفي آئي هئي ۽ هوءَ ممبئي ميونسپل ڪارپوريشن جي سمورن اصولن جي پاسداري ڪري رهي آهي.
گوهر خان جي ٽيم پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو ته اهي سمورا ماڻهو جيڪي اداڪاره لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪري رهيا آهن انهن لاءِ هيءَ تازي رپورٽ آهي ته گوهر جي ڪورونا ٽيسٽ منفي آئي آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گوهر خان قانون جي پاسداري ڪندڙ شهري آهي ۽ هوءَ بي ايم سي جي سمورن اصولن جي تعميل ڪندي آهي، اسان جي اپيل آهي ته انهن سمورن قياسن کي ختم ڪيو ڇو ته گوهر خان بي ايم سي سان سهڪار ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔