استعيفائون ڏئي پارليامينٽ کي ڇڏڻ غلط فيصلو هوندو: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا چيو آهي ته استعيفائون ڏئي پارليامينٽ جي فورم کي ڇڏڻ غلط فيصلو هوندو.

اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سليم مانڊوي والا استعيفائن جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي اڳ به چيو هو ته پارليامينٽ جو فورم نه ڇڏڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن استعيفائون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته اهو غلط هوندو.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪا پوزيشن ورتي آهي ان تي حڪومت ڊڄي وئي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي  مان متاثر ٿي هو عدالت وڃي سگهن ٿا. سليم مانڊوي والا چيو ته اليڪشن ڪميشن کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو صحيح نه آهي ۽ اها ڳالهه واضح آهي ته يوسف رضا گيلاني کٽي چڪو آهي. مظفر حسين شاهه خبر ناهي ڇو اهي ووٽ رد ڪيا.

ان کان اڳ پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو هو ته پاڪستان ڊيموڪريتڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) فيصلو نٿي ڪري سگهي ته استعيفائون ڏيڻيون آهن يا وٺڻيون آهن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پي ڊي ايم وارا ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن حالانڪه بحرانن جا ذميوار اهي مفاد پرست ۽ ڪرپٽ پاڻ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔