نيٽ فليڪس پاران پاس ورڊ شيئر ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

لنڊن: اسٽريمنگ ويب سائٽ نيٽ فلڪس پاس ورڊ شيئر ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نيٽ فلڪس جي ڪجهه صارفين کي اسڪرين تي ميسجز ملندا آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هي اڪائونٽ اوهان جو ذاتي نه آهي ته اوهان کي وڊيوز ڏسڻ جي لاءِ پنهنجي ذاتي اڪائونٽ جي ضرورت آهي. رپورٽ موجب نيٽ فلڪس جو چوڻ آهي ته هي ٽيسٽ ان لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي ته جيئن اها ڳالهه يقيني بنائي سگهجي ته آيا اهو شخص هي اڪائونٽ استعمال ڪرڻ جو مجاز آهي پر اڃان به اهو فيصلو ٿيڻ باقي آهي ته ڇا ڪمپني ان ڊيزائن کي پنهنجي نيٽ ورڪ جو حصو بنائيندي.نيٽ فلڪس جي شروعات جي دوران صارف ان ڳالهه جي تصديق ڪندو آهي ته ان کي ان ڪوڊ جي ذريعي اڪائونٽ تائين پهچ حاصل آهي جيڪو ڪمپني جي طرفان کيس ميسج يا اي ميل جي ذريعي موڪليو ويندو آهي.ميڊيا رپورٽن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته نيٽ فلڪس پنهنجي پليٽ فارم تي غير مجاز ماڻهن جي خلاف ڪارروائي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر هاڻ هينئر تائين اهو غير واضح آهي ته ڪيترا ماڻهو نيٽ فلڪس جي شرطن ۽ ضابطن جي تحت ان کي استعمال ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔