ڪينسر ۾ مبتلا مالڪياڻي جي عيادت لاءِ گهوڙو اسپتال پهچي ويو

پيرس: اسان پنهنجي زندگي ۾ عام طور تي اهو ڏٺو هوندو ته جيڪڏهن ڪو انسان بيمار هوندو آهي ته ان جي عيادت لاءِ سندس مٽ مائٽ يا پاڙيسري سندس عيادت لاءِ پهچي ويندا آهن پر اڄ اسان اوهان کي هڪ اهڙي گهوڙي جي باري ۾ ٻڌائينداسين جيڪو پنهنجي مالڪياڻي جي بيمار ٿيڻ کان پوءِ سندس عيادت لاءِ اسپتال پهچي ويو.فرانس جي هڪ اسپتال ۾ ڪينسر ۾ مبتلا عورت زندگي جا آخري لمحا گذاري رهي هئي ته سندس عيادت لاءِ سندس پاليل گهوڙو به اسپتال پهچي ويو.تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت کي هڪ طرف ان جو پٽ کيس گلي لڳي ساڻس محبت جو اظهار ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف ان جو گهوڙو به پنهنجي مالڪياڻي جي بيمار هجڻ تي ڏک ۾ ورتل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔