ناڻي واري سيڪريٽري جو ضرورت جي 26 شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعتراف

اسلام آباد: گذريل هفتي 26 ضرورت جي شين ۾ واڌ ۽ 7 شين ۾ گهٽتائي ٿي.
ناڻي واري وفاقي وزير حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ قومي پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن سميت صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪ ۾ ضرورت جي شين جي اگهن جي رجحان جو جائزو ورتو ويو.
ناڻي واري سيڪريٽري نيشنل پرائس ڪميٽي کي مهانگائي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل هفتي مهانگائي جي شرح 0.57 سيڪڙو گهٽ ٿي جڏهن ته ضرورت جي شين مان 26 جي اگهن ۾ واڌ ۽ 7 ۾ گهٽتائي ٿي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي اختيارين ملڪ ۾ کنڊ جي اگهن تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪالهه کنڊ ۽ ڪڻڪ جي درآمد سان ايندڙ هفتن ۾ گهٽتائي ايندي، گيهه ۽ تيل جي موجودگي ۽ اگهن جا جائزا وٺي رهيا آهيون، هلندڙ سال کنڊ جي گهربل ذخيرن کي حاصل ڪرڻ وارو عمل جاري آهي، رمضان المبارڪ ۾ 19 شين تي سبسڊي ڏني ويند .
زراعت ۽ خوراڪ واري سيڪريٽري ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جا گهڻا ئي ذخيرا موجود آهن، روزاني سپلاءِ به جاري آهي جنهن تي ڪميٽي صوبن ۾ اٽي جي مهانگي اگهه تي طلب موجب فراهمي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.
ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ کنڊ اگهه واڌو آهن جڏهن ته ڪميٽي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ خاص قدمن جي هدايت ڪئي آهي.ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير حفيظ شيخ هدايت ڪئي ته ضرورت جي شين جا ذخيرا، مارڪيٽ ۾ فراهمي ۽ صارفن جي مفادن کي يقيني بڻايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔