عمران خان انتقام ۾ ناڪامي بعد عدليه جي ڪُلهن تي بندوق هلائڻ گهري ٿو: مريم نواز

لاهور: ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته انتقامي ڪارروائين سان نواز ليگ خاموش نه ٿيندي، جيل ۽ ضمانتون رد ڪرائڻ وارين ڌمڪين سان ڊيڄاري نٿو سگهجي، عمران خان انتقام ۾ ناڪامي بعد عدليه جي ڪُلهن تي بندوق هلائڻ گهري ٿو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيل نيب جي درخواست کي کِل جوڳو قرار ڏيندي عدالت کان نوٽيس وٺڻ ۽ ايڪشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو، مريم نواز چيو آهي ته نيب کي بيانن تي جاچ ڪرڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو آهي؟ آئين ۽ قانون مون کي سياست ڪرڻ جو حق ڏين ٿا، سياستدان عوام جي نمائندگي ۽ سياست نه ڪندو ته ڇا ڪندو، جاويد لطيف جي بيان تي سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته جاويد لطيف محبِ پاڪستاني آهي، سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، اها حقيقت آهي ته سياست ۾ ادارن جي مداخلت بند ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔