اٽي جو بحران: سنڌ جو خوراڪ وارو سيڪريٽري 19 اپريل تي ذاتي طور طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان اٽي جي بحران ۽ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران سيڪريٽري خوراڪ تي ڪاوڙ جو اظهار، سيڪريٽري خوراڪ حليم شيخ 19 اپريل تي ذاتي طور طلب، ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته اٽي جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۽ اٽي جي بحران تي فوڊ کاتي طرفان غير واضح جواب جمع ڪرايو ويو، عدالت جواب گهريو پر فوڊ کاتي رڳو ها يا نه ۾ جواب ڏئي ڇڏيو، عدالت وفاقي حڪومت جي نمائندي کان پُڇيو ته ڪڻڪ جي بحران تي وفاقي سرڪار ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي؟ ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ سپلاءِ ٿي رهي آهي يا نه؟ عدالت طرفان وفاقي سرڪار جي نمائندي تي ڪاوڙ جو اظهار، وفاقي حڪومت کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔