ڪوئيٽا: سرياب ۾ هڪ گهر مان ٽن ٻارن جا ذبح ٿيل لاش هٿ

ڪوئيٽا: ڪوئيٽا جي سرياب واري علائقي ۾ ويجهو هڪ گهر مان ٽن ٻارن جا لاش ۽ هڪ نينگري زخمي حالت ۾ هٿ ڪئي وئي. پوليس موجب غلام رسول ڦاٽڪ ويجهو گهر مان ٽن معصوم ڀيڻ ۽ ڀائرن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن ۽ هڪ نينگري کي زخمي حالت ۾ هڪ ڪيو ويو. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا، پوليس موجب ٽنهي ٻارن کي ذبح ڪري قتل ڪيو ويو آهي. واقعي وقت گهر ۾ ٻارن جو پيءُ ماءُ گهر ۾ موجود نه هئا. وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔