ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ رينجرز موبائل تي فائرنگ، هڪ اهلڪار شهيد، 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي: ڪراچي جي اورنگي ٽائون 5 نمبر واري علائقي ۾ رينجرز جي موبائل گاڏي گشت تي هئي ته ان جي ڀرسان اوچتو ڌماڪو ٿيو، نتيجي ۾ هڪ رينجرز اهلڪار شهيد جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڌماڪي بعد پوليس ۽ رينجرز جي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جنهن بعد زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. عيني شاهدن جو چوڻ هو ته ڌماڪي ۾ رينجرز جي گاڏي، هڪ ڪار ۽ هڪ موٽر سائيڪل کي نقصان پهتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔