حڪومت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: حڪومت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان استعفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير شفقت محمود، شبلي فراز ۽ فواد چوڌري اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي شفقت محمود چيو ته اليڪشن ڪيمشن ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ نيوٽرل امپائر جو ڪردار ادا نه ڪري رهيو آهي، ان جي ڪري هن کي مجموعي استعفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ماڻهن جو اعتماد اليڪشن ڪميشن مان کڄي ويو آهي، نئون اليڪشن ڪميشنٺهي جنهن تي سڀني جو اعتماد هجي، هن چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر فوري طور تي استيعفيٰ ڏين ۽ پارليمان کي موقعو ڏنو وڃي ته نئون اليڪشن ڪميشن جوڙيو وڃي جنهن تي سڀئي جو اعتبار هجي، شفقت محمود چيو آهي ته تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي جماعت آهي، هن کي اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ناهي رهيو، جيڪڏهن ٻين جماعتن کان پڇو ته اهي به اليڪشن ڪميشن جون شڪايتون ڪنديون آهن. هن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي خلاف ڪوئي ريفرنس داخل نه ڪنداسين، وزيراعظم جو ڪافي دير کان مطالبو هو ته اليڪشن ۾ پيسي جي طاقت ختم ٿئي، وزيراعظم سينيٽ اليڪشن جي شفافيقت لاءِ چاهي پيو ته اوپن بيلٽ ذريعي چونڊ ٿئي، هن چيو ته وزيراعظم هميشهه چيو ووٽ جي خريد ۽ فروخت سان سينيٽ الڪيشن کي پاڪ ڪرڻو آهي، 2018 ۾ سينيٽ چونڊن ۾ منڊيون لڳيون، سپريم ڪورٽ چيو ته ووٽنگ ج طريقو بدلائڻ جي لاءِ پارليامينٽ سان رابطو ڪرڻو پوندو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔