عرفان جتوئي جو قتل مذمت جوڳو آهي، عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها: سردار شاهه

ڄامشورو: ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وزير سردار شاهه ڄامشورو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، هر شيء جو بحران آهي، عمران خان، عمران خان ناهي پر بحران خان آهي. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين واري اليڪشن ۾ يوسف رضا گيلاني کٽي چڪو آهي، ڪڏهن 7 ووٽ رجيڪٽ ڪيا پيا وڃن، ڪڏهن سينيٽ حال ۾ ڪئميرائون لڳايون پيون وڃن، عجيب تماشو آهي. سردار شاهه چيو ته مان سمجهان ٿو ڪڏهن ڪڏهن ملڪ تي مصيبتون اينديون آهن، عمران خان مان الله ئي جان ڇڏائي. هن چيو ته پي ڊي ايم پنهنجي جدوجهد 26 مارچ کان شروع ڪري رهي آهي، عمران خان کي وڃڻو پوندو، اگر نه ويو ته پاڪستان 50 سال پوئتي ٿي ويندو. عرفان جتوئي قتل تي رد عمل ڏيندي سردار شاهه چيو ته عدالت کان مٿانهون قتل ڪنهن به صورت م برداشت نه ڪبو، پوليس کي ڪنهن اجازت ڏني آهي ته هو شاگردن کي گرفتار ڪري قتل ڪري ڇڏي، اگر عرفان جتوئي ڏوهن ۾ ملوث هو ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها. اسان عرفان جتوئي واري واقعي جي مذمت ڪيون ٿا، جاچ هلي پئي، سنڌ حڪومت واقعي ۾ ملوث پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔