واٽس ايپ ۾ هڪ ٻئي اهم ۽ فائديمند فيچر جي واڌ

واٽس ايپ پنهنجي ڊيسڪ ٽاپ ايپ ۾ وائس ۽ ويڊيو ڪالز جي فيچر جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.
هي فيچر ون آن ون ڪال تائين محدود هوندو پر فيس بڪ جي ملڪيت هيٺ ايپ طرفان جلد ان ۾ گروپ ڪالز جي واڌ به ڪئي ويندي.
ڊيسڪ ٽاپ ڪالز پورٽريٽ ۽ لينڊ اسڪيپ ٻنهي موڊز تي ڪم ڪنديون.
ڊيسڪ ٽاپ ايپ ۾ ڪال جو آپشن هڪ ري سائز ايبل اسٽنڊ آلون ونڊو ۾ هوندو، جيڪا ٽاپ تي هوندي پر اوپن ونڊوز ۾ گم نه ٿي ويندي.
ڪمپني هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته واٽس ايپ تي سموريون ڪالز اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ هونديون آهن ته ڪمپني ڪالز کي ٻڌي يا ڏسي نٿي سگهي.
ان فيچر تي ڪافي عرصي کان ڪم جاري هو ۽ 2021ع جي شروع ۾ ان کي بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔