جمال خاشقجي جي قتل ڪيس جي ڪارروائي استنبول ۾ بحال

استنبول : استنبول جي هڪ عدالت سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٻيهر شروع ڪري ڇڏي.
خاشقجي کي 2 آڪٽوبر 2018 ۾ استنبول ۾ سعودي سفارتخاني اندر قتل ڪيو ويو هو.
ان ڪيس ۾ 26 سعودي اهلڪارن کي ڌر بڻايو ويو آهي ۽ انهن جي غير موجودگي ۾ اها ڪارروائي ٿي رهي آهي.
سعودي عرب انهن ماڻهن کي ترڪ حڪومت حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته گذريل هفتي آمريڪي انٽيليجنس طرفان هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته خاشقجي جي قتل ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي مرضي شامل هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔