پي ايس ايل ۾ شريڪ رانديگرن کي هنگامي طور ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ ۾ شريڪ رانديگرن کي هنگامي طور ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ پي ايس ايل جي رانديگرن کي ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائڻ لاءِ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جتي رانديگرن کي هنگامي طور ويڪسين لڳائي ويندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان فوري طور سڀني ٽيمن جي پي سي آر ٽيسٽنگ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن ۽ سڀني ٽيمن جي ڪورونا ويڪسينيشن ۽ آئسوليشن سهولتن جي فراهمي لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن.
واضح رهي ته ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب پاڪستان سپر ليگ جو ڇهون ايڊيشن ملتوي ڪيو ويو آهي.
بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پوندڙ اثرن سبب اسان کي ۽ خاص طور فرنچائز کي ڳڻتي هئي، تنهن ڪري ايونٽ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
هن اميد جو اظهار ڪندي چيو ته جيئن ئي موقعو مليو ايونٽ ٻيهر ڪرايو ويندو، اسان چاهيون ٿا ته پي ايس ايل 6 جي به باقاعدي طور پڄاڻي ٿئي، جيئن اسان گذريل ايونٽ جي ڪئي هئي.
پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جي شروعات 20 فيبروري کان ڪراچي ۾ ٿي هئي ۽ ايونٽ ۾ هيل تائين 14 ميچون ٿي چڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔