پاڪستان هوائي فوج جي جهاز نصر نائيجر ۽ بينائن ۾ کاڌ خوراڪ پهچائي !

اسلام آباد: پاڪستاني فوج جي جهاز نصر آفريقي علائقي ۾انساني همدردي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ واري مشن تحت ڪوٽو نوپورٽ جو دورو ڪيو. ڪوٽو نو بندرگاه اچڻ تي نائيجر ۾ پاڪستان جي سفير احمدعلي سروهي ، پاڪستان جي اعزازي قونصلر ، نائيجيريا ۾ پاڪستان جي ڊفينس اتاشي ۽ ٻين سامونڊي فوج جي عملدارن جهاز جو والهاڻو آڌرڀاءُ ڪيو .

ان کان اڳ ان جهاز جبوتي ۽ سوڊان جي بندرگاهن جو به دورو ڪيو ،آفريقي عوام سان ٻڌي ۽ دوستاڻي تعلقاتن کي وڌائڻ لاءِ پي اين ايس نصر نائيجر ۽ بينائن لاءِ کاڌ خوراڪ ڏني.

کاڌ خوراڪ ڏيڻ واري تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ دفاعي ۽ سرڪاري عملدارن سميت نائيجر جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ کاتي جو وزير ، بينائين پريزيڊنسي آفيس جو ڊپٽي ڊائريڪٽر، بينائن ۾ نائيجر جو سفير ، پرڏيهي وزارت جو جنرل سيڪريٽري ۽ نائجر ۾ پاڪستان جي سفير به شرڪت ڪئي . ٻنهي ملڪن جي عملدارن پاڪستان ۽ پاڪستان جي سامونڊي فوج جي اهڙي قدم جي ساراهه ڪئي.

ان کان اڳ پي اين ايس نصر اهڙي ئي امداد جبوتي ۽ سوڊان جي عوام لاءِ به ڏني هئي .ڪوٽونو ۾ دوري دوران مشن ڪمانڊر ۽پي اين ايس نصر جي ڪمانڊنگ آفيسر ، نائيجر جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ کاتي جي نائب وزير ۽ بيائن جي پرڏيهي وزارت  جي جنرل سيڪريٽري ۽ بينائن جي اميرالبحر سان ملاقاتون ڪيون ، انهن ملاقاتن ۾ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپي واري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مشن ڪمانڊر آفريڪي ملڪن جي عوام لاءِ چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي پاران نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو . آفريقي ملڪن ۾ پاڪستاني سامونڊي فوج جي جهازن جي هاڻوڪي مقرري دوستاڻي تعلقات ۽ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ لاءِ نيون راهون کولڻ جي ڪوشش آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔