گڏيل قومن جو ميانمار فوج کان ”ڪريڪ ڊائون“ بند ڪرڻ جو مطالبو

نيو يارڪ : گڏيل قومن جي انساني حقن بابت سربراهه ميانمار جي سيڪيورٽي فورسز کي چيو آهي ته اهي پرامن طور احتجاج ڪندڙن خلاف مذمت جوڳي ڪريڪ ڊائون جو سلسلو بند ڪن.
مشيل باشيليٽ طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته احتجاج دوران 1700 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ 29 صحافي پڻ شامل آهن.
هن ميانمار فوج کان مطالبو ڪيو آهي ته غير قانوني طور گرفتار ڪيل سڀني ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي.
واضح رهي ته ميانمار ۾ فوجي راڄ خلاف احتجاج دوران هيل تائين 54 ڄڻا مارجي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔