ونڊو ڳولي پي ايس ايل مڪمل ڪرائينداسين: وسيم خان

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر وسيم خان چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ ملتوي ٿيڻ پاڪستان ڪرڪيٽ جو نقصان آهي، ايونٽ لاءِ ونڊو ڳولي ميچز مڪمل ڪرائينداسين.
ڪراچي پريس ڪانفرنس ڪندي وسيم خان چيو آهي ته ڪوشش ڪنداسين ته ان واقعي سان پاڪستان ڪرڪيٽ کي گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿئي.
هن جو چوڻ هو ته پوري جاچ ڪئي ويندي ته بائيوسيڪيور ببل ۾ ڪووڊ ڪيسز ڪيئن ٿيا،؟ هي ڪرڪيت، فينز، بورڊ ۽ فرنچائيز سڀني جو نقصان آهي معاملي جي گهرائي ۾ وينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔