سينيٽ چونڊن کانپوءِ اسپيڪر به چورن جيان فرار ٿي ويو: پي ڊي ايم اڳواڻ

اسلام آباد: سينيٽ چونڊن کانپوءِ اسپيڪر به چورن جيان فرار ٿي ويو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اوچتو ملتوي ڪرڻ حڪومتي وائڙائپ جو ثبوت آهي، پي ڊي ايم حڪومت کان استعيفيٰ ۽ ملڪ ۾ نئين سر اليڪشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو، شاهد خاقان عباسي، راجا پرويز اشرف ۽ ٻين پي ڊي ايم اڳواڻن چيو آهي ته هاڻي ڌانڌلي ۽ داٻن سان اسيمبلي هلائڻ جو وقت ختم ٿي ويو، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻو آهي ته نئين سر چونڊون ڪرايون وڃن، سينيٽ چونڊن کانپوءِ اڪثريت وڃائي چڪي آهي، سينيٽ چونڊن ۾ ناڪامي سان حڪومت جا سمورا ٽڪساٽ فضول ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔