ولي بابر قتل ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جوابدارن جي سزا خلاف اپيل منظور

لاڙڪاڻو: سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو سرڪٽ بينچ نجي ٽي وي جي رپورٽر مقتول ولي خان بابر جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ملندڙ ٻن جوابدارن فيصل موٽا، ڪامران عرف ذيشان ۽ عمر قيد جي سزا ڪاٽيندڙ 4 جوابدارن جون سزائن خلاف اپيل منظور ڪندي سموريون سزائون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيون، مقتول ولي خان بابر قتل ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محمد ڪريم آغا ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي، عدالت جوابدارن جي اپيل منظور ڪندي سڀني جوابدارن کي مليل سزائون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيون، واضح رهي ته فيبروري 2014 ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ولي بابر قتل ڪيس ۾ ملوث ڪامران عرف ذيشان ۽ فيصل موٽا کي موت جي سزا جڏهن ته ٻين 4 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، ولي بابر کي 13 جنوري 2011 تي ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ ڪار تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔