هاڻ عام شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو: ياسمين راشد

لاهور: پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته هاڻ عام شهرين کي به ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.گذريل ڏينهن پنجاب اسيمبلي جو اجلاس معمول موجب هڪ ڪلاڪ 45 منٽن جي دير سان شروع ٿيو. سوالن جي وقفي دوران مسلم ليگ(ن) جي اسيمبلي ميمبر سميرا ڪومل ڪورونا فنڊز استعمال نه ڪرڻ تي ڪاوڙجي پئي ۽ چيو ته فنڊز ڊاڪٽر ياسمين راشد کائي وئي آهي.سميرا ڪومل جي الزام جو جواب ڏيندي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته اپوزيشن پاران گوڙ ڪرڻ سندن پراڻي عادت آهي. ڊاڪٽر ياسمين راشد ٻڌايو ته هڪ ڪروڙ 70 لک ڪورونا ويڪسين گهرائي وئي آهي هاڻ عام شهرين کي به ويڪسين لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.ان کان علاوه پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي هدايتن باوجود پنجاب ايمرجنسي سروس ترميمي بل ايوان ۾ نه آندو ويو ۽ اجلاس جو ايجنڊا مڪمل ٿيڻ تي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔