مخالف ڌر سينيٽ اليڪشن کٽڻ لاءِ حربا استعمال پئي ڪري: وزير اعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون سينيٽ اليڪشن کٽڻ جھي لاءِ هر حربا استعمال ڪري رهيون آهن. پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم عمران خان مسلسل ٻئين ڏينهن به تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتن جو سلسلو اڄ به جاري رهيو، ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ ناڻي وارو وزير حفيظ شيخ به موجود هئا. ملاقاتن دوران وزير اعظم چيو ته مخالف ڌر پارٽيون سينيٽ اليڪشن کٽڻ جي لاءِ هر حربو استعمال ڪري رهيون آهن، آئون ان ڪري شفاف چونڊن جي لاءِ اوپن ووٽنگ جو حامي هو، اسان جا ميمبرن سان رابطا ٿي رهيا آهن پر اسان گڏ آهيون، مخالف ڌر طرفان پيسن ۽ لالچ جي باوجود سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪنداسين. وزير اعظم چيو ته اسان جي حڪومت جي ترجيح عام ماڻهو ۽ پوئتي پيل علائقا آهن، پهريون ڀيرو پٺتي پيل علائقن کي گهڻائي ترقياتي منصوبا ڏئي رهيا آهيون، عوامي نمائندن طرفان کنيل عوامي مسئلا حل ڪنداسين. بعد ۾ وزير اعظم تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي پارٽين جا ميمبر به شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وزير اعظم چيو ته سينيٽ هجي يا قومي اسيمبلي، اسان جي ترجيح عوامي مفاد آهي، اسان جو مشن فلاحي رياست ڏانهن گامزن ٿيڻ آهي، اسان کي اسٽيٽس ڪو ۽ مافيا کي شسڪت ڏيڻي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔