وزيراعظم عمران خان سان متحده وفد جي ملاقات، سينيٽ چونڊن تي ڳالهيون

اسلام آباد: سينيٽ چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان سان متحده پاڪستان جي وفد جي ملاقات، خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ متحده وفد ۽ وزيراعظم وچ ۾ ملاقات دوران سڀاڻي ٿيندڙ سينيٽ چونڊن تي ڳالهيون، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن وارا سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ سمورا هربا استعمال ڪري رهيا آهن، اسان جي ميمبرز سان به رابطا ڪيا پيا وڃن پر متحد آهيون، سڀاڻي سينيٽ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ۽ اتحادي ڪامياب ٿيندا، وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ ۽ اتحادي پارٽيز جي ميمبرز کي منجهاندو به ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔