ڇهه ڊي آءِ جيز ۽ ٻن سيڪريٽرين جون خدمتون نٿا ڏئي سگهون: سنڌ سرڪار جو خط

ڪراچي: سنڌ حڪومت 6 ڊي آءِ جيز ۽ ٻن صوبائي سيڪريٽرين جون خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ صوبائي سرڪار باضابطه طور تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ ڪامورن جي سخت کوٽ آهي، اسان هن وقت او پي ايس، لڪ آفٽر ۽ اضافي چارج وارن معاملن تي عدالت کي 12 سو آفيسرن جي لسٽ ڏئي چڪا آهيون، هن وقت سنڌ ۾ وڏي عرصي کانپوءِ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، سنڌ جا سينيئر ۽ برجستا آفيسر وفاق حوالي ڪرڻ سان صوبي ۾ امن امان جي صورتحال به خراب ٿي سگھي ٿي، انهي ڪري وفاقي حڪومت پنهنجي اڳ ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي نظرثاني ڪري. ان ڏس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي وفاق کي خط اماڻڻ جي تصديق ڪئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي عوام جي ڀلائي لاءِ بهتر ڪامورن کي اهم عهدن تي رکيو آهي، جن جي هٽجڻ سان هڪ پاسي انتظامي بحران پيدا ٿيندو ته ٻئي طرف عوام جي تڪليفن ۾ واڌارو ٿيندو، هن چيو ته اسان اڳ ۾ ئي آفيسرن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ان ڪري وفاقي حڪومت کي گذارش ڪئي آهي ته اها پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ آفيسرن کي سنڌ ۾ ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي. واضح رهي ته 26 فيبروري تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري 6 ڊي آءِ جيز عرفان بلوچ، فداحسين مستوئي، قمر الزمان، اقبال دارا، منير شيخ جونيئر ۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي منير شيخ کي روٽيشن پاليسي تحت بدلي ڪيو هو پر صوبائي حڪومت انهن آفيسرن کي چارج نه ڇڏڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ آفيسر لڳاتار عهدن تي موجود رهيا، اسٽيبلشمينٽ ٻن صوبائي سيڪريٽرين عبدالوهاب سومرو ۽ ڊا ڪٽر روشن شيخ کي به بدلي ڪيو هو. واضح رهي ته سنڌ ۾ ٻن ڏهاڪن کان موجود آفيسرن کي بدلي ڪرڻ بدران گھٽ عرصي وارن آفيسرن کي صوبي مان بدلي ڪرڻ تي پ پ سرڪار سخت اعتراض اٿاريا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔