اليڪشن ڪميشن جو اجلاس، عدالتي راءِ تي عملدرآمد لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد: وقت تمام گهٽ هجڻ سبب سينيٽ چونڊون موجوده آئين ۽ قانون تحت ڪرايون وينديون، اليڪشن ڪميشن سڀاڻي سينيٽ چونڊون پرُاڻي طريقيڪار تحت ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، سينيٽ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي راءِ تي عمل ڪرڻ جو به فيصلو، اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن اجلاس دوران سينيٽ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي راءِ جو جائزو ورتو ويو، عدالتي راءِ تي عملدرآمد ۽ ٽيڪنالوجي جي استعمال بابت ڪميٽي قائم، ڪميٽي ۾ اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، نادرا، ايف آءِ اي، آءِ ٽي وزارت ۽ ٻين ادارن جا اعليٰ عملدار شامل، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪميٽي ٽيڪنالوجي بابت چئن هفتن ۾ سفارشون پيش ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔