سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 13 مارچ کان حيدرآباد ۾ شروع ٿيندو!

حيدرآباد: سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو هلندڙ مهيني 13 کان 15 تاريخ تائين هٽڙِي باءِ پاس تي لڳايو ويندو .

هي ايڪسپو لائيو اسٽاڪ، فشريز کاتي جي سهڪار سان لڳايو پيو وڃي ، ان ٽن ڏينهن جي نمائش ۾ وڏي انگ ۾ جانورن جي اچڻ جي توقع آهي .

لائيو اسٽاڪ ، فشريز ۽ پولٽري جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش آهي ، ماڻهن کي ان شعبي جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ جديد معلومات تائين رسائي فراهم ڪئي وڃي ته هاڪاري نتيجا اچڻ جا امڪان آهن .

ان حوالي سان پوئين سال به لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ڪاميابيءَ سان لڳايو ويو هو جنهن جا سٺا نتيجا آيا هئا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔