سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ۽ پ پ ميمبرن وچ ۾ جهيڙي دوران ايوان جنگ جو ميدان بڻجي ويو

ڪراچي :سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ۽ پ پ ميمبرن وچ ۾ جهيڙي دوران ايوان جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پي ٽي آءِ جا باغي ايم پي ايز شهريار شر، اسلم ابڙو ۽ ڪريم بخش گبول اجلاس دوران شرجيل ميمڻ سان گڏ ايوان ۾ داخل ٿيا ته پي ٽي آءِ ميمبرز مٿن سخت تنقيد ڪئي جنهن کانپوءِ منهن ماري دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز هڪ ٻئي جي هٿين پئجي ويا ۽ هڪ ٻئي کي لتن، مڪن جو وسڪارو ڪري ڪٽڪو ڏنو ۽ هڪ ٻئي خلاف گٿا لفظ به ڳالهايا.

اسيمبلي ۾ جهيڙي کانپوءِ ٻاهر صحافين سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته زرداري مافيا چور ۽ دهشتگرد آهي، اڄوڪو ڏهاڙو سياسي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، بلاول تون بينظير جو پٽ نه آهين، تون ڀٽو نه پر زرداري آهين، صحافين سان ڳالهائڻ دوران اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ صحافين کي به گهٽ وڌ ڳالهايو،

ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي باغي ايم پي ايز  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ڪير به اغوا ناهي ڪيو، اسان جي مرضي آهي ڪنهن به ووٽ ڏيون، ڪير به اسان تي دٻاءُ نٿو وجهي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔