لڳي ٿو اڄ اسان پاڪستان ۾ نه پر گٽر ۾ رهي رهيا آهيون: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جو جج جسٽش قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ئي ڪيس ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته لڳي ٿو اڄ اسان پاڪستان ۾ نه پر گٽر ۾ رهي رهيا آهيون، سپريم ڪورٽ ۾ قاضي فائز عيسيٰ جي نظر ثاني درخواستن تي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل منير اي ملڪ جي بيماري سبب پيش نه ٿيڻ تي جسٽس قاضي فائز پاڻ دليل ڏنا،

هن عدالت کي چيو ته جتي توهان کي محسوس ٿئي مان حد پار ڪري رهيو آهيان ته مون کي روڪيو وڃي، ان تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ججز جي ذميواري صبر ۽ برداشت ڪرڻ به آهي، جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو توهان جي خلاف آهن توهان جا حامي به آهن.

جسٽس قاضي فائز دليل ڏيندي ته عمران خان، صدر عارف علوي ۽ وزير ذاتي حيثيت ۾ ڳالهائي سگهن ٿا، مان بطور جج ذاتي حيثيت ۾ به نٿو ڳالهائي سگهان،؟ عوام کي انصاف ٿيندو نظر به اچڻ گهرجي. هن چيو آهي ته گهڻو چالاڪ نه هجڻ جي ڪري پنهنجو نقطو سمجهائي نه سگهيس، ٻن سالن کان منهنجي خلاف حڪومت پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي،

سپريم ڪورٽ جي جج ۽ خاندان جي خلاف سرڪاري چينل تان پروپيگنڊا ڪئي وئي، مسئلو 10 لک پگهار جو نه پر ملڪ جو مستقبل جو آهي ۽ هي جنگ پنهنجي اداري لاءِ وڙهي رهيو آهيان. پنهنجي دليل جي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جذباتي ٿيندي چيو ته منهنجي جڳهه تي توهان جي گهرواري ۽ ٻارڙا هجن ها ته توهان ڇا ڪيو ها، سڀاڻي ڪنهن به جج کي پروپيگنڊا ۾ گهلي سگهجي ٿو،

جيڪڏهن فاضل ججز کي ڪا ڳالهه بري لڳي ته معذرت چاهيان ٿو، هن چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ ميڊيا جي حالت ڏسو، صحافين کي اسلام آباد مان اغوا ڪيو پيو وڃي، ان تي وزيراعظم چوي ٿو ته مون کي ڪهڙِي خبر ته ڇا ٿيو، صحافين تي تشدد ٿيو، ڪنهن به جاچ نه ڪئي، ذميوارن جا نالا ٻڌائيندس ته منهنجي خلاف ريفرنس اچي ويندو.

هن چيو آهي ته اوپر سانحي پاڪستان تي ڳالهه ڪئي وڃي ته خاموش ڪرايو ويندو آهي، قائد اعظم ۽ منهنجي والد جي روح قبر ۾ تڙپي رهي هوندي، هڪ فوجي ڊڪٽيٽر جي اقتدارجي هوس ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي جي دليلن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جج صاحب هي قانون جي عدالت آهي، اسان کي ڪيسن جا فيصلا ڪرڻا آهن، توهان کي ڪنهن سان مسئلو آهي ته ان کي عدالت مان ٻاهر رکو، بهتر ٿيندو ته اسان پنهنجي حدن مان ٻاهر نه نڪرون.

ان موقعي تي جسٽس منظور ملڪ چيو ته قاضي صاحب جذباتي نه ٿيو، ڪيس کي فوڪس ڪيو، ان تي جسٽس قاضي چيو ته منهنجي ذات کي ويساري ڇڏيو، ملڪ لاءِ جذباتي ٿي رهيو آهيان، لڳي ٿو ته اسان اڄ پاڪستان ۾ نه پر گٽر ۾ رهي رهيا آهيون، بعد ۾ عدالت جسٽس قاضي فائز جي دليل دوران ئي وڌيڪ ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔